اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) قو??ي صحت واري وفاقي وزير چيو آهي ته اسان لاءِ سڀني کان وڏو چيلنج ٻوڏ ??تاثر علائقن ۾ موجود 6 لک کان وڌيڪ ڳورهارين عورتن کي صحت جي سهولتن جي فراهمي ۽ ماءُ ۽ ٻار جي جان بچائڻ آ??ي، متاثر علائقن ۾ هيلٿ ڪيمپس لڳايا پيا وڃن جتي ٽائيفائيڊ، چمڙي ۽ نمونيا سميت ڪيترن ئي بيمارين جو علاج جاري آهي. انهن خيالن جو اظه??ر هن گلوبل فنڊ جي پاڪستان جي سي??يئ?? منيجر ازسڪان سان ملاقات دوران ڪيو. پاڪستان ۾ گلوبل فنڊ جي صحت واري وزارت جي اختيارين سان ايندڙ ٽن سالن جي امداد بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي گلوبل فنڊ جي سي??يئ?? منيجر ازسڪان چيو ته ڏکين حالتن باوجود وفاقي حڪومت جي ٻوڏ ??تاثرن جي مدد ۽ سند صحت جي حوالي سان قدم ساراهه جوڳا آهن. هن چيو ته گلوبل فنڊ جي مدد سان پاڪستان جي صحت جي اختيارين ٽي بي، ايڊز، مليريا ۽ پبلڪ هيلٿ ۾ بهترين ڪم ڪيو آهي. هن جو چوڻ هو ته اسان اڳتي پڻ پاڪستان جي حڪومت سان گڏجي صحت جا مسئلا حل ڪرڻ جي حوالي سان سمورا سمڪاني قدم کڻنداسين، ملاقات ۾ ڪامن ميڊيڪل يونٽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر مصطفيٰ جمال قاضي پڻ موجود هو.