اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيرا??ظم شهباز شريف ۽ مسلم ليگ (ق) جي س??نيئر اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين اتفاق ڪيو آهي ته حڪومت جون سموريون اتحادي پارٽيون عوام جي ڀلائي لاءِ هڪ ٿي ڪم ڪنديون رهنديون. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان مسلم ليگ (ق) جي س??نيئر اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي س??اسي ۽ مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي و?? ڪئي وئي. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته حڪومت جون سموريون اتحادي پارٽيون عوام جي ڀلائي لاءِ هڪ ٿي ڪم ڪنديون رهنديون. ملاقات دوران مسلم ليگ (ق) جي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اهي هر مشڪل حالتن ۾ حڪومت سان گڏ بيٺل آهن. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وارو وفاقي وزير طارق بشير چيما، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر ا??ظم نذير تارڙ، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ۽ وزيرا??ظم جا خاص معاونين ملڪ احمد خان ۽ عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.