اسلام آباد – 14 – آڪ??وب?? (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي دهشتگردي جي خاتمي جي نظام کي نئين سر متحرڪ ڪرڻ ۽ مرڪزي سطح تي وزيراعظم جي قيادت ۾ ايپڪس ڪميٽي جوڙڻ، سي پيڪ جي منصوبن جي سيڪيورٽي فول پروف بڻائڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ، ملڪ جي جاگرافيائي سلامتي جي حفاظت، آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ رياستي عملداري جي لاءِ قوم ۽ ادارا هڪ آواز آهن، ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ دفاع جي لاءِ ڏني ويندڙ شهيدن جون قربانيون رائيگان وڃڻ نه ڏنيون وينديون. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي (اين ايس سي) جو اهم اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن کانسواءِ سروسز چيفس، حساس ادارن جي سربراهن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبر محسن داوڙ ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ميان افتخار حسين پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. لاڳاپيل عملدارن امن امان جي صورتحال تي بريفنگز ڏنيون. اجلاس ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ دفاع جي لاءِ پاڪ فوج، رينجرز، پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ سمورن ادارن جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان عظيم مقصد جي لاءِ شهيد ٿيندڙ آفيسرن ۽ جوانن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪي??. اجلاس شهيدن جي گهرڀاتين کي سلام پيش ڪندي اعتراف ڪي?? ته شهيدن ملڪ ۽ قوم جي لاءِ جرئت ۽ بهادري ۽ شجاعت جا عظيم داستان لکيا آهن. ان عزم کي ورجايو ويو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان وڃڻ نه ڏنيون وينديون. قومي سلامتي ڪميٽي قرار ڏنو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ، پاڪستان جي جاگرافيائي سالميت جي حفاظت، آئين ۽ قانون جي حڪمراني ۽ رياستي عملداري جي لاءِ قوم ۽ رياستي ادارا هڪ آواز آهن، پوري قوم انهن مقصدن تي نه رڳو واضح ذهن سان گڏ متحد ۽ هڪ آهي پر هر قيمت تي انهن کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو. قومي سلامتي ڪميٽي سوات سميت ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ امن امان کي خراب ڪرڻ جي واقعن جو جائزو ورتو ۽ متاثر خاندانن سان افسوس جو اظهار ڪي?? ۽ مرحومن جي لاءِ ف??تحه خواني ڪئي. قومي سلامتي واضح ڪي?? ته پاڪستان جي هر شهري جو رت انتهائي قيمتي آهي ۽ ان کي وهائڻ ۾ ملوث هر شخص سان قانو پوري سختي سان منهن ڏيندو، اسان جي شهرين دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي بهادر فوج سان گڏجي بي مثال قربانيون ڏنيون ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪي??. قومي سلامتي ڪميٽي مرڪزي سطح تي ايپڪس ڪميٽي جي جوڙجڪ جو فيصلو ڪي?? جنهن جي سربراهي وزيراعظم ڪندو. دهشتگردي جي خاتمي جي اداري (نيڪٽا) کي فعال بڻايو ويندو جيڪو صوبائي سطح تي دهشتگردي جي خاتمي جي ادارن (سي ٽي ڊي) جي سهڪاري عمل سان ڪم ڪندو. قومي سلامتي ڪميٽي اهو به فيصلو ڪي?? ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي نظام کي نئين سر متحرڪ ڪي?? وڃي. ان جو نئين سر جائزو وٺندي قدمن جي نشاندهي ڪئي وڃي ته جيئن نظام کي وڌيڪ موثر رخن تي قائم ڪري سگهجي. هي نظام نگراني جا فرض به سرانجام ڏيندو ته جيئن مسلسل بهتري جو عمل جاري رهي. قومي سلامتي ڪميٽي پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي منصوبن جي سيڪيورٽي کي فول پروف بڻائڻ جي لاءِ موثر قدمن جي منظوري ڏني. ان ڏس ۾ نيڪٽا سهڪاري عمل جي ذميواري سرانجام ڏيندو جڏهن ته صوبن جي ذريعي عملدرآمد ڪرايو ويندو. قومي سلامتي ڪميٽي اهو به فيصلو ڪي?? ته دهشتگردي جي خاتمي جي نظام کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪي?? وڃي، جتي اپ گريڊيشن گهربل آهي، ڪئي وڃي، ان ڏس ۾ وسيلن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي جڏهن ته صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ پڻ قدم کنيا ويندا.