اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سال 2020 – 2015ع بابت صدارتي اقبال ايوارڊز جي منظوري ڏئي ڇڏي. محمد اڪرم چغتائي کي اردو زبان ۾ ”اقبال ۽ جرمني“ جي عنوان تي شايع ٿيندڙ ڪتاب تي اقبال ايوارڊ عطا ڪرڻ جي منظوري ڏن?? وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عبدالخالق کي انگريز?? زبان ۾ اقباليات تي ڪتاب ”علامه اقبال، خودي ۽ ٻين تصورن“ تي اقبال ايوارڊ عطا ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏن??. صدر غوث بخش صابر کي بلوچ?? زبان ۾ اقباليات تي ڪتاب لکڻ تي صدارتي اقبال ايوارڊ عطا ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏن??. صدر ايوارڊز جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 48 هڪ ۽ اقبال اڪيڊمي آرڊيننس 1962ع تحت ڏن??. صدر اقبال اڪيڊمي پاڪستان جو پيٽرن ان چيف (سرپرست اعليٰ) آهي.