اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي م??ام??ن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پيرس ۾ فرانس پاڪستان بزنس ڪائونسل جي ??در ٿي??ي ف??يمن ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر ويوا ٽيڪ فرانڪوس بيتوزيٽ سان ملاقات ڪئي ۽ پيرس اسڪول آف انٽرنيشنل افيئرز، سائنسز، پويو يونيورسٽي ۾ خطاب ڪيو. هن ايسوسيئيشن آف گرينڊ ايڪولس ۽ ڪئمپس فرانس جي هڪ وفد سان به ملاقات ڪئي. پيرس ۾ پاڪستان جي ??فارتخاني پاران جاري بيان موجب مملڪتي وزير جي ٿي??ي ف??يمن جوٽوٽل گلوبل سروسز جي ??ي اي او به آهي سان ملاقات دوران پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. حنا رباني کر فرانڪوس بيتوزيٽ سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي ??سٽارٽ اپ سيڪٽرز جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ ۽ ايندڙ سال ويواٽيڪ ايونٽ ۾ پاڪستان جي ??رڪت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي م??ام??ن واري مملڪتي وزير پيرس اسڪول آف انٽرنيشنل افيئرز، سائنسز پويو يونيورسٽي جي ??اگردن سان ”پاڪستان ۽ اڀرندڙ ورلڊ آرڊر“ جي موضوع تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن کانپوءِ سوالن جوابن جو سيشن ٿيو. هن يونيورسٽي جي ف??ڪلٽي سان تعليمي تعاون تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪئمپس فرانس ۽ ڪانفرنس آف گرينڊي ايڪولس ڪي جي نمائندن سان ملاقات ۾ مملڪتي وزي?? پاڪستان ۽ فرانس جي وچ ۾ اعليٰ تعليم جي ??عبن ۾ اداراجاتي رابطن ۽ مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ جي ??ريقن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.