اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف پوليس لائين پشاور جي مسجد ۾ خودڪش ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ش??ري?? جو ناحق رت وهائيندڙن کي عبرت جو نشان بڻائينداسين. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم چيو ته الله تعاليٰ آڏو سجدو ڪندڙ مسلمانن جو بي رحماڻو قتل قرآن جي تعليم جي منافي آهي، الله جي گهر کي نشانو بڻائڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته حملي آورن جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي، دهشتگرد پاڪستان جي دفاع جو فرض نڀائيندڙن کي نشانو بڻائي خوف پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. پاڪستان جي خلاف جنگ ڪندڙن کي هستي تان مٽائي ڇڏينداسين. وزيرا??ظم چيو ته ش??ري?? جو ناحق رت وهائيندڙن کي عبرت جو نشان بڻائينداسين. دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سڄي قوم ۽ ادارا متحد آهن، سڄي قوم پنهنجي شهيدن کي عقيدت جو سلام پيش ڪري ٿي. وزيرا??ظم چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪنداسين. وفاق صوبن جي دهشتگردي جي خاتمي جي صلاحيت وڌائڻ ۾ تعاون ڪندو. وزيرا??ظم وفاقي گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته صوبن خاص طور تي خيبرپختونخواهه ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي صلاحيت ۾ مدد فراهم ڪري. وزيرا??ظم شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.