اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وچولي ۽ گهٽ آمدني وارن خاندانن جي ٻارن کي مفت ۽ معياري ??عليم جي انهن جي درن تي فراهمي جي شروعات ڪئي وئي آهي. پن??نج?? ٽوئيٽ ۾ وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو ته هن اڄ وفاقي گادي واري ??هر ۽ ان جي ڀرپاسي جي لاءِ اسڪول آن ويلز جهڙي منفرد منصوبي جو افتتاح ڪيو آهي جنهن سان وچولي ۽ گهٽ آمدني وارن خاندانن جي ٻارن کي مفت ۽ معياري ??عليم انهن جي گهر جي درن تي فراهم ٿيندي. وز??راعظم چيو ته تيزي سان وڌندڙ ملڪي ابادي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي هر شعبي ۾ اهڙن منفرد منصوبن جي ضرورت آهي، اهي موبائيل اسڪول گهٽ لاڳت تي ڪنهن به معياري ??سڪول جهڙي تعليم فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. هن چيو ته ان منصوبي تحت بسن جي انگ کي جلد 8 مان وڌائي 16 ڪيو ويندو.