اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان تنزا??يه ۾ پاڪستان جي نامزد ه??ءِ ڪمشنر سراج احمد خان ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ٻطرفي مفاد جي لاءِ پاڪستان ۽ تنزا??يه جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان تنزا??يه سان لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان تنزا??يه سان معاشي ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي سياسي ۽ ثقافتي مٽاسٽا جي ضرورت آهي. صدر نامزد ه??ءِ ڪمشنر کي تنزا??يه جي ادارن جي سگهه ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان پاران تعاون وڌائڻ جي هدايت ڪئي. پاڪستان تنزا??يه کي سفارتڪاري، بئنڪنگ، ريلوي ۽ پوسٽل خدمتن ۾ تعاون فراهم ڪري رهيو آهي. صدر نامزد ه??ءِ ڪمشنر کي تنزا??يه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته نامزد ه??ءِ ڪمشنر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي رابطا ۽ واپار وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪري، تنزا??يه جا شاگرد پاڪستان جي گهٽ قيمت واري ورچوئل تعليمي پروگرام مان فائدو کڻي سگهن ٿا، پاڪستان جي ورچوئل يونيورسٽي ۾ اڳ ۾ ئي اٽڪل 8 هزار غيرملڪي شاگرد ورچوئل تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سراج احمد خان کي تنزا??يه ۾ هاءِ ڪمشنر مقرري تي مبارڪباد پڻ ڏني. صدر تنزا??يه سان لاڳاپا وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪم جي هدايت پڻ ڪئي.