اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ تي هڪ ڀيرو ٻيهر عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل تي صدارتي ريفرنس تي عمل ٿيڻ گهرجي ۽ فل ڪورٽ کي ويهي اهو فيصلو ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته شه??د ڀٽو جي حوالي سان پوري دنيا کي خبر آهي ته اهو هڪ عدالتي قتل هو، فيصلو ڪندڙن ۾ هڪ جج بعد ۾ پنهنجي ياداشتن ۾ به ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو هو. وزيراعظم چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو آئين جي بانين مان هو ۽ اها ملڪ جي ??ار??خي خدمت هئي جنهن کي ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته هي ڪهڙو ??ار??خ جو جبر آهي جو اڄ 4 اپريل آهي ۽ شه??د ڀٽو جو جوڊيشل مرڊر انهي ??ار??خ تي ٿيو. وزيراعظم چيو ته اڄ ??ي اليڪشن جي حوالي سان هڪ ڀيرو ٻيهر 4 اپريل تي عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي.