اسلام آباد – 01 – مئي (اي پي پي) حڪومت قومي صنعتي لاڳاپا ڪميشن (اين آءِ آر سي) جي 8 ??يم??رن جي مقرري ڪري ڇڏي ??نهن جو اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت وفاقي ڪابينا جي منظوري جي روشني ۾ باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اطلاعات واري وزارت پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب 8 شخصيتن جي اين آءِ آر سي جي ??يم??رن طور مقرري ڪئي وئي آهي انهن ۾ رٽائرڊ سول سرونٽ سيد نورالحسنين، رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ججن عبدالقيوم، سهيل اڪرم، محمد زبير خان ۽ شبير حسين اعواڻ کي ??يم??ر مقرر ڪيو ويو آهي. وڪيلن مان محمد سراج الاسلام خان، عبدالغني ۽ منور حسين طوري ??ن اين آءِ آر سي جي مقرر ٿيندڙ ??يم??رن ۾ شامل آهن. ڪابينا اطلاعات واري وزارت جي سمري تي انهن خالي جاين تي مقررين جي منظوري ڏني هئ??. ي??د رهي ته اهي عهدا 9 مهينن کان خالي هئا. صنعتي تڪرارن جي حل لاءِ ڪميشن قائم ڪئي وڃي ٿي، اها ڪميشن پورهيتن جي انجمنن جي پڻ رجسٽريشن ڪري ??ي. مزدورن جي حقن جي تحفظ ۽ انهن جي حالتن جي بهتري ??اءِ قائم اين آءِ آر سي اطلاعات واري وزارت جو ذيلي ادارو آهي. اها اين آءِ آر سي انڊسٽريل ريليشنز ڪميشن (آئي آر اي) جي سيڪشن 53 تحت قائم ڪئي وڃي ٿي. مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو اهو مزدورن ۽ پورهيتن جي لاءِ هڪ تحفو آهي.