اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف جي نالي خط لکيو آهي جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ مان عمران خان جي گرفتاري جي طريقيڪار ۽ نتيجن طرف ڌيان ڇڪرائيندي چيو آهي ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته عمران خان جا آئيني حق پائمال نه ٿين، وزيراعظم مو?? کي ملڪ جي موجوده صورتحال کان آگاهه رکي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر وزيراعظم شهباز شريف کي موڪليل خط ۾ چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان آفيس ۾ زبردستي داخل ٿيا جتي عمران خان جي بائيوميٽرڪ جو عمل جاري هو. هن چيو ته جنهن انداز ۾ ان جي گرفتاري عمل ۾ آندي وئي اهڙي قسم جو واقعو ڪنهن سان نه ??يڻ گهرجي. هن چيو ته آئون عوامي اثاث?? کي پهچندڙ نقصان ۽ شرپسندن جي غيرقانوني قدمن تي پريشان آهيان، آئين ۽ قانون جو مح??فظ هجڻ جي ناطي آئون اهڙن واقعن جي مذمت ڪريان ٿو، ملڪ هڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آهي، اچو تحمل جو مظاهرو ڪريون ۽ پنهنجي تقدير کي بچايون. مهرباني ڪري ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته عمران خان جا آئيني حق پائمال نه ٿين، ان جي جا?? کي مڪمل تحفظ حاصل هجي. صدر چيو ته وزيراعظم آئين ۽ رولز آف بزنس 1973ع تحت مو?? کي ملڪ جي موجوده صورتحال کان آگاهه رکي.