اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن ??ي وطن لاءِ خدمتن ۽ فرضن سان لڳاءُ کي ساراهيندي انهن جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي شهيدن ??ي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳاله?? ٻولهه ڪندي ڪيو. هن ملڪ جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر پهرين جون تي سنگوان بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي عنايت الله ۽ حسنين اشتياق جي وارثن سان فون تي ڳاله?? ٻولهه ڪئي. صدر شهيدن ??ي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو ۽ پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي 3 جون تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ لانس نائيڪ معراج الدين جي والد ??ان پڻ ڳاله?? ٻولهه ڪئي. صدر 4 جون تي مير علي ۾ شهيد ٿيندڙ نائيڪ ظهير عباس جي والد ??ان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن 4 جون تي جاني خيل ۾ شهيد ٿيندڙ حوالدار محمد انور ۽ نائب صوبيد??ر غلام مرتضيٰ جي وارثن سان پڻ ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر 5 جون تي ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ لانس نائيڪ صابر جي پونئيرن سان پڻ رابطوڪيو. صدر س??ورن شهيدن ??ي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ فرضن سان لڳاءُ کي ساراهيو ۽ شهيدن ??ي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي کي پڻ ساراهيو. هن شهيدن ??ي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.