اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) عورت پارليامينٽ ميمبرن جي گروپ وومين ڪاڪس جي انتظام هيٺ ”ڪل جماعتي عو??تن جو منشور“ جي عنوان سان ٻن ڏينهن واري گول ميز ڪانفرنس شروع ٿي وئي جنهن جو پڄاڻي وارو سيشن سڀاڻي اربع ڏينهن ٿيندو. ڪانفرنس جو بنيادي مقصد پاڪستان جي 75 سالا تاريخ ۾ سياسي پارٽين پاران پاڪستان ۾ عو??تن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ انهن جي ويزن ۽ فريم ورڪ جو تنقيدي جائزو وٺڻ آهي. افتتاحي اجلاس جي صدارت سيڪريٽري ڊبليو پي سي ڊاڪٽر شاهده رحماني ڪئي جنهن کانپوءِ لاڳاپيل ماهرن جي موجودگي ۾ بريڪ آئوٽ سيشنز ٿيا. سياست، قانون، واپار، تعليم، آءِ ٽي، موسمياتي تبديلي ۽ صحت ۾ عو??تن جي ڪردار کي و??ائڻ جي موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر شاهده رحماني چيو ته پاڪستان جي سياسي جدوجهد ۾ پاڪستان جي عو??تن اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. عو??تن هر ميدان ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عورت سياستدانن جو ڪردار رڳو مخصوص سيٽن تائين محدود نه آهي پر فاطمه جناح، بينظير ڀٽو شهيد ۽ ٻين عو??تن آمريتن جي خلاف جمهوري جدوجهد جي قيادت ڪئي آهي. پاڪستان جي گهٽ نمائندگي واري عو??تن کي درپيش مسئلن جي اعتراف ۾ عو??تن جو هي منشور انهن موضوعن ۽ شعبن تي مرڪوز آهي جيڪي عو??تن جي ترقي جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ مستقبل جي حڪمت عملي جي لاءِ راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. سيڪريٽري ڊبليو پي سي کانسواءِ ٻين مقررين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چونڊ نظام ۾ عو??تن جي شموليت کي رڳو ووٽنگ تائين محدود نه هجڻ گهرجي پر سياسي پارٽين کي ان جي ميرٽ جي بنياد تي عام چونڊون وڙهڻ جي لاءِ حمايت حاصل هجڻ گهرجي. عو??تن جي سياسي شرڪت کي فروغ ڏيڻ ۽ سڄي پاڪستان ۾ عو??تن جو آواز ٻڌڻ ۽ انهن جي نمائندگي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هڪ اسٽريٽجڪ منصوبو تيار ڪرڻ گهرجي. سلطانه صديقي پنهنجي ??يم??رڪس ۾ چيو ته ثقافت ۽ ميڊيا هڪ ٻئي جي لاءِ لازم ملزوم آهن. هن چيو ته پاڪستان جي سمورن ادارن ۾ عو??تن جي نمائندگي کي يقيني بڻايو وڃي. حنا جيلاني سيشن دوران ??يم??رڪس ڏيندي چيو ته عو??تن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ محفوظ ۽ معاون ماحول جي جوڙجڪ تمام ضروري آهي. صنفي برابري هر معاشري جي مجموعي ترقي ۽ اڳڀرائي جي لاءِ ضروري آهي. وڌيڪ اهو چيو ويو ته حڪومت، پاليسي ساز، قانوني ماهرن ۽ سول سوسائٽي کي عو??تن جي حقن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ گڏيل طور تي مو??ر حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. ”آل پارٽي وومين ميني فيسٽو“ سيمينار جي عنوان سان هن ٻن ڏينهن واري وومين ميني فيسٽو ايونٽ جو مقصد عو??تن جي لاءِ وبائي مرضن کانپوءِ درپيش چئلينجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي لاءِ هڪ فورم طور ڪم ڪرڻ آهي ۽ هڪ اسٽريٽجڪ روڊ ميپ ۽ ٺوس پاليسين جي جوڙجڪ ذريعي اڳتي و??ڻ جو رستو ٺاهڻ آهي جيڪو عو??تن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ اهم آهي. اهو ڪم هڪ نئين عزم ۽ ڌيان سان ٿيڻ گهرجي. ڊبليو پي سي جو مقصد سياسي پارٽين کي هڪ پليٽ فارم فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن سياسي اڳواڻن جي و?? ۾ ڳالهه ٻولهه جي عمل کي آسان بڻائي سگهجي جنهن جو مقصد پاڪستان جي عام چونڊن کان اڳ سياسي پارٽين جي منشور ۾ عو??تن جي شموليت کي فروغ ڏيڻ آهي.