اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته صحافين ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس وزيراعظم شهباز شريف جو تاريخي فيصلو آهي، نواز شريف دور ۾ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جو بنياد رکيو ويو، صحافين ۽ فنڪارن کي هيلٿ انشورنس جي فراهمي ان??ي سلسلي جي ڪڙيءَ آهي، اسان 15 مهينن جي مختصر مدي ۾ صحافين جي ڀلائي لاءِ قانونسازي ڪئي، ان جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت کي حڪومتي بزنس سان ڳنڍيو، نيوز پيپرز ملازمن کي پگهارن جي مد ۾ 12 ڪروڙ رپيا ريڪور ڪري ادا ڪيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اط??اعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس جي وچ ۾ صحافين ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي معيشت ۽ توانائي بابت ڪوآرڊينيٽر بلال ظهر ڪياني، اط??اعات واري وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان، پرنسپل ان??ارميشن آفيسر مبشر حسن، اسٽيٽ لائيف انشورنس جي چيئرمين شعيب جاويد سميت ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم صحافين ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جو تاريخي فيصلو ڪيو جنهن جي شروعات اڄ ٿي رهي آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سڄي پاڪستان مان صحافين ۽ فنڪارن جي لاءِ هن سال بجيٽ ۾ هڪ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت هئي ته صحافين ۽ فنڪارن جي لاءِ بجيٽ ۾ رکيل رقم رڳو اعلانن تائين محدود نه هجي پر ان منصوبي جي لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. هن چيو ته ٻه هفتا اڳ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جڏهن ته هڪ هفتو اڳ آرٽسٽن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ رجسٽريشن جي شروعات ڪئي وئي. هن چيو ته نواز شريف دور ۾ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جو بنياد رکيو ويو هو، ان بنياد ۽ اسٽيٽ لائيف جي تجربي کي نظر ۾ رکندي اط??اعات واري وزارت صحافين ۽ فنڪارن جي لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪرڻ وڃي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 7 آگسٽ تي هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪندو. اط??اعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان 15 مهينن جي گهٽ مدي ۾ صحافين جي ڀلائي لاءِ اهم قانونسازي ڪئي، ان??ن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت کي حڪومتي بزنس سان ڳنڍيو. هن چيو ته صحافين کي هيلٿ انشورنس ڪارڊ جي صورت ۾ صحت جون سهولتون مهيا ڪيون وينديون. وفاقي وزير چيو ته هيلٿ انشورنس تحت ان ڊور ۽ آئوٽ ڊور طبي سهولتن سميت رينل سرجري، هارٽ سرجري، ڪارڊڪ سجري سميت مختلف سرجريز جي سهولت ڏني ويندي جڏهن ته ان ڪارڊ تحت ايمبولينس سروس پڻ ڏئي سگهبي. هن چيو ته اسٽيٽ لائيف پاران ڪيتريون ئي ويليو ايڊيشنز به ڪيون ويون آهن. مريم اورنگزيب چيو ته هيلٿ انشورنس سان صحافين ۽ آرٽستن جي ڀلائي جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 15 مهينن جي مختصر عرصي ۾ 12 ڪروڙ رپيا ريڪور ڪري اخباري ملازمن کي پگهارن جي مد ۾ ادا ڪيا ويا آهن جڏهن ته ميڊيا ورڪرز پاران جاب سيڪيورٽي سميت هيلٿ انشورنس جي شروعات ڪئي. وفاقي وزير چيو ته گذريل چار سال ۾ ملڪ معاشي بدحالي جو شڪار هو، اهم منصوبا پٺتي ڇڏيا ويا هئا، وزيراعظم محمد شهباز شريف نه رڳو ان??ن منصوبن کي ريسڪيو ڪيو پر ان??ن کي بحال ڪيو. اط??اعات واري وفاقي وزير صحافين ۽ فنڪارن جي لاءِ هيلٿ انشورنس اسڪيم کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ اط??اعات واري وزارت جي پوري ٽيم جا ٿورا مڃيا.