اسلام آباد-01 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير معدنياتي منصوبن کي عوام جي ترقيءَ جو رستو قرار ڏيندي چيو آهي ته اها اسا?? جي معاشرتي ذميواري آهي ته اسان گ??جي ملڪي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. اسا?? جي ملڪ ۾ موجود کاڻين جا وسيع موقعا آه?? جيڪي گڏيل ڪاوشن سان عمل ۾ آندا ويندا. اهڙو اظهار هن پاڪستان منرل سمٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. آرمي چيف چيو ته حڪومتِ پاڪستان سڀني ادارن سان گ??جي ايس آءِ ايف سي جي قيام کي يقيني بنايو، تازو ئي قائم ڪيل اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلٽي ٽيشن ڪائونسل جو قيام سڀني شراڪتدارن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻي ٿو. هن چيو ته ٿورو پنهنجي ملڪ تي نظر وِجهون، برف سان ڍڪيل جبلن کان ريگستان تائين، سامونڊي پٽيءَ کان ميداني علائقن تائين ان سرزمين ۾ ڇا ڪجهه ناهي، امن ۽ خوشحاليءَ جي رستي تي گامزن رهڻ ئي استقامت ۾ آهي. سورة رحمان ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين رحمتن کي جٽلائيندا، جيڪڏهن اسان جو هي گڏيل عزم رهيو ته پوءِ آسمان جون بلنديون اسا?? جي حد ۽ ان جون وسعتون اسان جون منتظر آهن. آرمي چيف قرآن پاڪ جو حوالو ڏئي واضح ڪيو ته الله تعاليٰ انه?? جي مدد ڪندو آهي جيڪي پنهنجي پاڻ مدد ڪندا آهن. آرمي چيف بريڪ گولڊ جي سي اي او ۽ ??ري??يڊنٽ مارڪ بريسٽو ۽ سعودي مائينگ منسٽر انجنيئر خالد بن صالح المديفر ۽ ٻين سيڙپڪارن جو شڪريو ادا ڪيو. آرمي چيف چيو ته اها اسا?? جي معاشرتي ذميواري آهي ته اسان گ??جي ملڪي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون، اسان کي ڪڏهن به اميد جو ساٿ نه ڇڏڻ گهرجي. اسا?? جي سرزمين ڪيتري ئي معدنيات سان ڀريل آهي ۽ ان صلاحيت کي مڪمل طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ لاءِ اسان پرڏيهي سيڙپڪارن کي دعوت ڏيون ٿا ته پاڪستان ۾ لڪيل خزان?? جي دريافت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته پاڪستا?? جي پهرين منرل سمٽ پاڪستان ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ آسان ڪاروبار جا نوان اصول واضح ڪري ٿي. اسان اهڙي سيڙپڪار دوست نظام کي يقيني بنائنينداسين جنهن ۾ آسان شرطن ۽ غير ضروري التوا کان بچي سگهجي. آرمي چيف اميد جي دامن کي پڪڙي رکڻ ۽ الله تعاليٰ تي يقين ۽ ايمان رکڻ تي زور ڀريو ۽ قرآن پاڪ جي سورة بقره جي آيت 155 ۽ 156 جي تلاوت ڪئي جنهن جو ترجمو آهي: ۽ اسان ضرور توهان کي خوف ۽ بک ۽ جان ۽ مال جي ثمرن سان آزمائينداسين. ان تي جڏهن ڪا مصيبت اچي ٿي ته چون ٿا؛ بي شڪ اسان الله تعاليٰ طرفان آهيون ۽ اسان کي ا?? جي ئي طرف واپس وڃڻو آهي.