اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪش??ير فلسطين يڪجهتي ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن چيو آهي ته ڪشميرين ۽ فلسطينين کي حق ڏيڻ بدران قتلِ عام ڪرڻ ظلم جي انتها آهي، او آءِ سي ڪردار ادا نه ڪيو ته باقي دنيا به محفوظ نه رهندي، پوري ڪشميري قوم فلسطينين سان گڏ آهي. اهڙو اظهار هنن 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي جماعت اسلامي آزاد ڪش??ير جي انتظام هيٺ ڪش??ير فلسطين يڪجهتي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مقررن ۾ حسن ابراهيم، محمود ساغر، غلام محمد صفي، مولانا امتياز صديقي، عبدالرشيد ترابي ۽ ٻيا شامل هئا. جماعت اسلامي جي ا??ير ڊاڪٽر محمد مشتاق خان چيو ته آمريڪا کي جانبدار پاليسين سبب دنيا امن کان محروم آهي، ڪش??ير ۽ فلسطين 75 سالن کان ظلم جو شڪار آهن، هندستان ۽ اسرائيل ڪشميرين ۽ـ فلسطين جو رت پاڻيءَ وانگر وهائي رهيا آهن. ڪشميري تڪميل پاڪستان جي جنگ وڙهي رهيا آهن. ڪشميري ۽ فلسطيني آزاديءَ تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندا. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آزاد ڄمون ڪش??ير جي اڳوڻي وزيراعظم سردار تنوير الياس خان چيو آهي ته جماعت اسلامي ڪش??ير فلسطين يڪجهتي ڪانفرنس رٿڻ احسن قدم آهي ۽ او آءِ سي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري ۽ ڪشميرين ۽ فلسطينين تي ظلم جو سلسلو بند ڪري. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ چوڌري ياسين چيو ته ڪش??ير ۽ فلسطين ۾ ظلم ٿي رهيو آهي، اسلامي ملڪ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ڄمون ڪش??ير پيپلز پارٽي جي صدر حسن ابراهيم چيو ته ڪش??ير ۽ فلسطين ۾ ٻارن کي مارڻ، عورتن سان زيادتي سميت انساني حقن جون خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن. ان موقعي تي حريت ڪانفرنس جي ڪنوينر محمود ساغر، تحريڪ حريت جي ڪنوينر غلام محمد صفي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي ڪانفرنس جي گڏيل پڌرائي جاري ڪئي وئي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته فلسطين ۽ ڪش??ير هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن ٻنهي جي تڪرارن جي شروعات 1947ع کان ٿي آهي، گڏيل قومون 1948ع ۾ فلسطين ۽ ڪشميرين جي عوام کي خوداراديت ڏيارڻ جو وعدو ڪيو هو جيڪو اڄ تائين پورو نه ٿي سگهيو آهي. فلسطيني پنهنجي رياست بحال نه ڪرائي سگهيا ته ڪشميرين کي به گڏيل قومن جي سرپرستيءَ ۾ خوداراديت وارو حق نه ملي سگهيو. عالمي ادارا گڏيل قومن طرفان فلسطين ۽ ڪش??ير بابت پنهنج?? قراردادن تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪاميءَ سبب ٻئي اولهه ۽ ڏکڻ ايشيا جا ??طا فوجي تڪرار جي صورت ۾ عدم استحڪام جو شڪار آهن. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته لکين ماڻهو پنهنجون قيمتي جانيون وڃائي چڪا، ڪروڙين زخمي ۽ بي گهر ٿي چڪا آهن، شهري انفراسٽرڪچر ۽ ماڻهن جي زندگين کي پهتل نقصان جو حساب لڳائڻ مشڪل آهي. هنن چيو ته جنگي ڏوهن، انسانيت خلاف ڏوهن، نسل ڪشي جي حدن کي ڇُهندڙ انساني حقن جي خلاف ورزين جو جائزو وٺڻ لاءِ امدادي تنظيمون ۽ گڏيل قومن جا مبصر آزاداڻو ۽ بنا روڪ ٽوڪ جي رسائي ڪن ۽ ڪش??ير ۽ فلسطين جي آزاديءَ لاءِ ڪردار ادا ڪن.