اسلام آباد- 02 نومبر (اي پي پي) ناڻي، محصولن ۽ اقتصادي معاملن واري نگران وفاقي وزير ??اڪٽر شمشاد اختر چيو آه?? ته گڏيل قومن جي هزاريه ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي برادري طرفان جامع قدمن جي ضرورت آه??. اها ڳالهه ناڻي واري وزير ??اڪٽر شمشاد اختر گڏيل قومن جي اداري يو اين سي ٽي ??ي ڊي جي انتظام هيٺ جنيوا ۾ منعقد ڪانفرنس کي پنهنجي ورچوئل خطاب ۾ چئي. ڪانفرنس جو موضوع ڊولپمينٽ فنانس فار 2030ع ايجنڊا: ماحولياتي طور تي محفوظ صن??تڪاري هو. پنهنجي اهم خطاب ۾ نگران وفاقي وزير ??يو ته هزاريه ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان هڪ ڀرپور ۽ پرجوش منصوبو جوڙيو آه?? جنهن تحت ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي اخراج ۾ 50 سيڪڙو تائين گهٽتائي اچي ويندي. هن چيو ته ماحولياتي لحاظ کان موزون صن??تڪاري لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ۽ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان رهنما اصول به جاري ڪيا آه??. هن اسرندڙ ملڪن ۾ قرضن بابت مشڪلاتن جي خاتمي ۽ هزاريه ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جامع عالمي ڪوششن جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو.