مظفر آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) 6 نومبر ڄمون جي شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي شهداءِ وطن ميڊيا سيل جي اهتمام هيٺ خصوصي تقريب منعقد ڪئي ويندي جنهن ۾ رياست جي ناليواريون شخصيتون ڄمون جي ناقابل فراموش قرباني کي خراج ??قي??ت پيش ڪنديون. شهداءِ وطن ميڊيا سيل اي ڪي زون جي سربراهه آغا سفير حسين ڪاظمي چيو آهي ته 1947ع ۾ ڊوگره حڪمران هري سنگهه جي فوج ۽ هٿياربند دستن جي بي لغام هجوم ۽ پيرا ملٽري فوجي دستن ڄمون ۽ ڪشمير جي علائقي ۾ چار لک جي لڳ ڀڳ ڪشميري مسلمانن کي شهيد ڪري ڇڏيو هو، واديءَ ڪشمير سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسلمان هر سال 6 نومبر تي ??مون جي شهيدن جي ڏهاڙي طور ملهائيندا آهن، گذ??يل سا??ن وانگر هن سال به شهداءِ ڄمون جي قرباني کي خراج ??قي??ت پيش ڪرڻ جي لاءِ 6 نومبر تي ٽپهر 3 وڳي شهداءِ وطن ميڊيا سيل شاهه سلطان آفيس ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي ويندي، تقريب ۾ ناليوارا اڳواڻ ۽ دانشور شهداءِ ڄمون کي خراج ??قي??ت پيش ڪندا. تقريب ۾ شهرين ۽ سول سوسائٽي جي ڀرپور شرڪت جي اميد آهي.