اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد جي هدايت تي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ پي ٽي وي ڪوئيٽا سينٽر جي چيف ڪئميره مين ??حمد خان سولنگي ۽ ڪئميره مين ??فر علي جي پونئيرن جي لاءِ مالي امداد جي منظوري ڏني وئي. جاري پڌرائي موجب پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد مبشر توقير ش??هه چيف ڪئميره مين ??حمد خان سولنگي جي پونئيرن جي لاءِ 24 لک رپيا ۽ ڪئميره مين ??فر علي جي پونئيرن جي لاءِ 15 لک رپين ??ي مالي گرانٽ جي منظوري ڏني. پي ٽي وي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد مبشر توقير ش??هه ان موقعي تي چيو ته پي ٽي وي پنهنجي ملازمن جي ڀلائي کي سدائين ??رجيح ڏني آهي. هن چيو ته فوت ٿيندڙ ٻئي ملازم ڪئميره ذريعي پاڪستان جي مختلف علائقن جي ڪوريج قوم آڏو اسڪرين ت?? آندي، انهن جي اداري لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ان جا ملازم پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. پي ٽي وي جي ايم ڊي سيد مبشر توقير ش??هه ا??مد خان سولنگي ۽ ظفر علي جي اداري جي لاءِ شاندار خدمتن ت?? کين ??راج عقيدت پيش ڪيو. واضح رهي ته پي ٽي وي ڪوئيٽا سينٽر جو چيف ڪئميره مين ??حمد خان سولنگي ۽ ڪئميره مين ??فر علي گذريل ڏينهن ڊيوٽي دوران ڪراچي سوراب روڊ تي ڪار ۽ ويگن جي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويا هئا.