اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آفريقي ۽ ايشيائي ملڪ?? سان وا??اري ۽ اق??صادي رابطا وڌائڻ ۽ غزه ۾ تشدد جي خاتمي ۽ فلسطين ۾ پائيدار امن جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آفريقي ۽ ايشيائي ملڪن جي سفيرن جي هڪ گروپ مانجهاندي تي ملاقات ڪئي. ملاقات دوران الجزائر ۽ سوڊان جي سفير?? سان گڏوگڏ بنگلاديش، برونائي، ملائيشيا، ماريشيس ۽ ڏکڻ آفريقا جا هاءِ ڪمشنرز پڻ موجود هئا جڏهن ته ايٿوپيا، انڊونيشيا، ڪينيا، نائجيريا، صوماليه، تيونس ۽ زمبابوي جا ناظم الامور پڻ ان موقعي تي موجود هئا. نگران وزيراعظم آفريقا سان پاڪستان جي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن آفريقي ملڪ?? سان ٻطرفي ۽ علائقائي سطح تي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ آفريقا جي وچ ۾ گذريل سالن دوران بهترين سياسي لاڳاپن جو اعتراف ڪندي وا??اري ۽ اق??صادي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته چوٿين پاڪستان آفريقا وا??اري ڪانفرنس مصر جي شهر قاهره ۾ 9 کان 11 جنوري 2024ع تائين جاري آهي جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي وا??ار واري نگران وفاقي وزير جي قيادت ۾ هڪ وڏو وا??اري وفد ڪري رهيو آهي. ه?? ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن خاص طور تي برونائي، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا سان پاڪستان جي تاريخي لاڳاپن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان انهن اهم ملڪ?? سان ٻطرفي وا??اري لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي ۽ آسيا?? سان پاڪستان جي مصروفيتن کي مضبوط بڻائڻ ۾ انه?? سان تعاون جو خواهشمند آهي. غزه ۾ جاري صورتحال جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ تشدد جي خاتمي ۽ فلسطين ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ انهن جي لاڳاپيل ملڪ?? سان مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي سفيرن کي ساراهيو. سفيرن انه?? سان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ وقت ڪڍڻ تي نگران وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اهي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستا?? سان گڏجي ڪم ڪندا رهندا.