ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پائيدار ترقي جي لاءِ هڪ جهڙن موقعن جي فراهمي ضروري آهي، ٽيڪنالا??ي جي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقي مان دنيا جي هر خطي کي فائدو کڻڻ گهرجي، ٽيڪنالا??ي جي برابر ورڇ نه ٿيڻ سان تڪرار وڌندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي اهتمام هيٺ ٿيندڙ ”ٽريڊ ٽيڪ ٽريلين ڊالر پرامس“ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پائيدار ترقي جي لاءِ هڪ جهڙن موقعن جي فراهمي ضروري آهي، ڊيجيٽل اڪانومي ايندڙ د??ر ۾ اهميت رکندڙ هوندي، منهنجي راءِ ۾ جيڪو معاملو حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، اها معاشي چٽاڀيٽي نه ??ر اسٽريٽجڪ چٽاڀيٽي آهي، اسٽريٽجڪ چٽاڀيٽي معاشي چٽاڀيٽي تي حاوي ٿي وڃي ٿي. هن چيو ته ٽيڪنالا??ي جي شعبي ۾ ايندڙ ترقي مان دنيا جي هر خطي کي فائدو کڻڻ گهرجي، سيڙپڪاري جي لاءِ نجي شعبي جي حوصلا افزائي ضروري آهي، وقت سان گڏ مسئلن جو حل ضروري آهي. هن چيو ته تيز رفتار ترقي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي تي ڀاڙڻو پوندو، سڀني جي لاءِ ٽيڪنالاجي کي برابر حاصل ڪرڻ يقيني هجڻ گهرجي، ان سان صحت جي خدمتن کان وٺي سماجي شعبي تائين اثر پون ٿا، ٽيڪنالا??ي جي صورت ۾ جڏهن اسٽريٽجڪ چٽاڀيٽي وڌي ٿي ته ان سان ترقي يافته 21 هين صديءَ ۾ سائنس جي ترقي مان وڌيڪ فائدو کڻندا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ٽيڪنالا??ي جي برابر ورڇ نه ٿيندي ته ان سان تڪرار وڌيڪ وڌندا، ان معاملي کي غور هيٺ آڻڻ جي ضرورت آهي، ٽيڪنالا??ي جي برابر ورڇ سان معاملن کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.