اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي)ت??لي?? ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي پنهنجي ڪتاب ”پاڪستاني ادب جا معمار“ جي مهورتي تقريب جي موقعي تي چيو آهي ته سنڌ جي تهذيب گهڻ رخي ٻوليون رکندڙ، گهڻا مذهبي عقيدا رکندڙ ۽ گهڻ نسلي آهي جنهن ڪيترائي مشهور اديب پيدا ڪيا ۽ علي بابا انه?? مان هڪ هو. سنڌ جي مشهور ليکڪ ??لي محمد جيڪو علي بابا جي نالي سان مشهور آهي، جي زندگي ۽ ڪارنامن تي ڪتاب جي مهورت جي موقعي تي ڪتاب ”علي بابا جي شخصيت ۽ فن“ جي ليکڪ، ڪالم نگار ۽ ت??لي?? واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته هو پاڻ انهن خوش نصيب?? مان آهي جنهن علي بابا کي صوبي جي مختلف شهرن ۾ ڏٺو آهي. هن چيو ته سنڌ هڪ مضبوط ثقافت ۽ تهذيب وارو صوبو آهي ۽ شيخ اياز جو ڳاڻيٽو صوبي جي عظيم جديد شاعرن ۾ ٿئي ٿو. مدد علي سنڌي چيو ته هن ڪتاب ۾ علي بابا جي شخصيت جي باري ۾ وڏو تفصيل سان لکيو آهي، علي بابا عظيم ليکڪ هجڻ باوجود پنهنجي عظمت کان بي خبر هو. هن چيو ته علي بابا جون تحريرون انساني وجود ۽ خودي جي گهرائي کي ظاهر ڪن ٿيون، علي بابا جي ڪمن ج?? باري ۾ وفاقي وزير چيو ته هن ناول موئن ج?? دڙو ۽ ڊرامي دنگي من??هه درياءَ جهڙا شاندار ڪم ڪيا. علي بابا جي فن کي لازوال قرار ڏيندي مدد علي سنڌي اميد ظاهر ڪئي ته سندس تحريرن ج?? اردو، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويندو.