اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي سان فارسيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ايراني شاعرن جي پاڪستان جي حوالي سان فارشي شعر پڻ پڙهيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ايراني صدر جي پاڪستان ??ي دوري تي فارسي زبان ۾ آجيان ڪندي وزيراعظم چيو ته چشمِ ماه روشن دلِ ماشاد، توهان کي ڏسي اسان جون اکيون ٿڌيون ٿيون ۽ دل خوش ٿي. وزيراعظم ايراني صدر کي علامه تقي بهار جي پاڪستان بابت فارسي ۾ ڪلام ”درود بر پاڪستان“ پڻ پڙهي ٻڌايو. ”هميشه لطف خداباد يارِ پاڪستان، به ڪين مباد فلڪ باديارِ پاڪستان“ پاڪستان ت?? الله جو سدائين فضل ۽ ڪرم جاري رهي ۽ آس??ان پاڪستان کان ڪڏهن به ناراض نه ٿئي. وزيراعظم ايراني صدر سان ڳالهه ٻولهه ۾ فارسيءَ ۾ شعر پڻ پڙهيو جنهن ۾ ان جي پاڪستان ??ي دوري جي ڀرپور آجيان ۽ کيس بار بار پاڪستان اچڻ ??ي دعوت ڏني. وزيراعظم جي فارسي ۾ ڳالهه ٻوله?? تي شرڪت ڪندڙن جي چهرن ت?? مسڪر??ٽ اچي وئي. ايراني صدر ۽ وفد وزيراعظم جي فارسي زبان ت?? عبور ڏسي خوشگوار حيرت ۾ مبتلا ٿي ويا. وزيراعظم جي فارسي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ شعر ٻڌي شرڪت ڪندڙ داد ڏيڻ کانسواءِ رهي سگهيا.