اسلام آباد -28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چي?? آهي، ته اسلامي ترقياتي بئنڪ جي پاڪس??ان سان فائديمند شراڪتداري حڪومت جي پائيدار ترقي جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ نئين سر تعمير ۽ روزگار جي فراهمي ۾ مدد فراهم ڪرڻ ۾ سهڪاري ثابت ٿي رهي آهي. اسلامي ترقياتي بئنڪ جاري مختلف منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي خاص اجلاس جي موقعي تي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجاسر سان ملاقات دوران ڪيو. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ۾ چي?? ويو آهي، ته ملاقات ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي پاڪس??ان ۾ جاري مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم پنهنجي اڳوڻي حڪومتي دور ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ طرفان مختلف منصوبن ۾ هڪ ارب آمريڪي ڊالرن جي سيڙپڪاري تي اسلامي ترقياتي بئنڪ جو شڪريو ادا ڪيو. هن پاڪس??ان جي ٻوڏ کان پوءِ بحالي ۾ اسلامي ترقياتي بئنڪ جي معاونت کي ساراهيو ۽ ان حوالي سان ڊاڪٽر الجاسر جي ذاتي سهڪار ۽ قائداڻي ڪردار کي تسليم ڪيو. ملاقات ۾ پاڪس??ان ۽ اسلامي ترقياتي بئنڪ وچ ۾ سهڪار جا نوان موقعا ڳولهڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چي?? ته ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي صحيح رخ تي آڻڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جي سمورن خدشن کي ختم ڪرڻ ۽ ون ونڊو آپريشنز مهيا ڪرڻ لاءِ خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پوري طر?? سان فعال آهي. اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر چي?? ته پاڪس??ان اسلامي ترقياتي بئنڪ جو انتهائي اهم باني ميمبر آهي، الله تعاليٰ پاڪس??ان کي ڀرپور قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، پاڪس??ان جي وڏي افرادي قوت مان ڀرپور طريقي سان فائدو کڻي سگهجي ٿو. پاڪس??ان جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ دعاڳو آهيون. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير محمد اورنگزيب، وفاقي وزير عطاء الله تارڙ، مصدق ملڪ، ڄام ڪمال خان ۽ اويس احمد خان لغاري به موجود هئا.