بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين گڏيل اعتماد ۽ گڏيل اصولن تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري تي اطمينان جو اظهار ڪندي اهم معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت جو ورجاءُ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي اعليٰ معيار جي ترقي جي لاءِ مسلسل عزم جو اظهار ڪي?? آهي جڏهن ته ٽرانسپورٽ، بنيادي ڍانچي، صنعت، توانائي، زراعت، صحت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ 23 مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪي??ن آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف عظيم هال ۾ چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان وفدن ??ي سطح تي ملاقات ڪئي، وزيراعظم سان گڏ سندس ڪابينا جا اهم ميمبر پڻ گڏ هئا. عظيم عوامي هال پهچڻ تي وزيراعظم جي اعزاز ۾ آجياڻي واري تقريب جو اهتمام ڪي?? ويو ۽ کيس پيپلز لبريشن آرمي جي دستي پاران گارڊ آف آنر پيش ڪي?? ويو. ملاقات دوران ٻنهي اڳ??اڻن ٻطرفن لاڳاپن ??ي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳ??اڻن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪي?? ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ، جيڪا گڏيل اعتماد ۽ گڏيل اصولن تي ٻڌل آهي، وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آ??ي. وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر چوندجڻ تي مبارڪباد ڏ??ي. ??نهي اڳ??اڻن اهم معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت جو ورجاءُ ڪي?? ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي اعليٰ معيار جي ترقي جي لاءِ مسلسل عزم ۽ حمايت جو اظهار ڪي??. هن گڏيل فائديمند ۽ پاڪستان ??ي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ صنعت، زراعت جي جديدڪاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ خصوصي اقتصادي زونز تي خصوصي ڌيان ڏيڻ سان گڏ سمورن جاري منصوبن جي وقت سر تڪميل جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. سي پيڪ کي اپ گريڊ ڪري وڌيڪ تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. ٻنهي ڌرين گوادر شهر ??ي سي پيڪ جي هڪ اهم ٿنڀ جي طور تي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گوادر کي علائقائي اقتصادي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ سموري لاڳاپيل بنيادي ڍانچي جي منصوبن جي وقت سر تڪميل تي اتفاق ڪي??. هن سي پيڪ جي مخالفن جي خلاف پنهنجي پختي عزم جو پڻ اظهار ڪي??. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ چيني شهرين ۽ منصوبن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪي??. ٻنهي ڌرين اعليٰ سطح جي مٽاسٽا کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪي?? جنهن ۾ سمورين سطحن ۽ ٻطرفي تعاون ??ي سمورن شعبن ۾ اداراجاتي رابطن کي مضبوط ڪرڻ شامل آهي. پاڪستان ۽ چين علائقائي ۽ عالمي اهميت جي مسئلن ۽ گهڻ رخي فورمز تي پڻ ويجهي مشاورت جاري رکندا خاص طور تي پاڪستان جي گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر طور تي ٻن سالن جي دور دوران ان مشاورت ۾ اضافو ڪي?? ويندو. وفدن ??ي سطح تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ شرڪت ڪئي. تقريب ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽيليويزن، فلم، ٽرانسپورٽ انفراسٽرڪچر، صنعت، توانائي، زراعت، صحت، سماجي، اقتصادي ترقي ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ 23 مفاهمتي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪي??ن ويون. ملاقات کانپوءِ وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ وزيراعظم جي اعزاز ۾ هڪ مانجهاندي جو اهتمام ڪي??.