آستانه – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سميت شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر م??ڪن جي سربراهن تنظيم جي سربراهي اجلاس ج?? پڄاڻي تي پڌرنامي/ آئوٽ ڪم ڊاڪيومينٽ تي صحيحون ڪيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب شنگهائي تعاون تنظيم سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان، آذربائيجان جي صدر ال??ام عليوف، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان، ڪرغزستان جي صدر سدير جاپروف ۽ بيلاروس جي صدر ال??گزينڊر لوڪا شنڪو سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي مع??مل?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.