اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان عوامي پارٽي جي وفد خالد مگسي جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي ۽ ملڪي ۽ صوبائي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد وزيرا??ظم جي قيادت ۾ معيشت جي استحڪام ۽ عوام دوست بجيٽ تي وزيرا??ظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد وزيرا??ظم جا بلوچستان جي ترقي ۾ خصوصي دلچسپي ۽ بلوچستان جي عوام جي لاءِ ترقياتي قدمن تي ٿورا مڃيا. ٻئي طرف وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان نيشنل پ??رٽي جي وفد پڻ ملاقات ڪئي. وفد ۾ بلوچستان صوبائي اسيمبلي ميمبر رحمت صالح بلوچ ۽ اڳوڻو سينيٽر مير ڪبير محمد ساهي شامل هئا. ان موقعي تي صوبي جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.