اسلام آباد – 11 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ منصوبن جي جلد تڪميل تي زور ڏيندي چيو آهي ته صوبي جون پاڻي ضر??رت??ن پوريون ڪرڻ، زراعت جي فروغ ۽ غذائي تحفظ جي لاءِ وفاقي حڪ??مت جي تعاون سان ڪڇي ڪينال جي جلد تڪميل ضروري آهي، صوبائي حڪ??مت بلوچستان جي ترقي ۽ عوامي خوشحالي جي لاءِ موثر قدم کڻي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. بلوچستان جي وڏي وزير صدر کي صوبي جي مجموعي صورتحال بابت آگاهه ڪيو. وڏي وزير صدر کي صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بابت ٻڌايو. بلوچستان جي وڏي وزير صدر کي عوامي ڀلائي جي لاءِ صوبي ۾ جاري ترياتي منصوبن تي بريفنگ ڏني. صدر صوبي ۾ جاري منصوبن ۽ امن امان جي لاءِ صوبائي حڪ??مت جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.