اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) صد?? مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته چين جي گلوبل ڊ??لپ??ينٽ انيشيٽو جي ذريعي جٽادار ترقي ۽ گڏيل خوشحالي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ اوڀر وارين قومن جي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. گلوبل ڊ??لپ??ينٽ انيشيٽو ۾ گڏيل ترقي کي هٿي ڏئي دنيا جو مستقبل جوڙڻ جي وڏي صلاحيت آهي. ايوان صدر جي مي??يا ونگ طرفان جاري پڌرائي موجب اهڙو ??ظهار هن بيجنگ ۾ چائنا انٽرنيشنل ڊ??لپ??ينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي انتظام هيٺ گڏيل ترقي بابت عالمي ايڪشن واري فورم جي ٻئين اعليٰ سطحي اجلاس کي ورچوئل خطاب دوران ڪيو. صد?? مملڪت چيو ته اسرندڙ ملڪ عالمي ترقي واري عمل ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪن، پائيدار ترقي ۽ صحت جهڙن عالمي چئلينجن کي اوڀر واري نقطه نظر سان ڏسڻ جي ضرورت آهي. صد?? مملڪت چيو ته گهڻي ڀاڱي عالمي آبادي اوڀر وارن ملڪن خاص ڪري چين، پاڪستان ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن ۾ رهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان، صدر شي جن پنگ ۽ چين طرفان اوڀر وارن ملڪن ۽ سڄي دنيا جي اڳواڻي ۾ 21 هين صدي ۾ اڳتي وڌڻ جو خواهشمند آهي. چين جي گلوبل ڊ??لپ??ينٽ انيشيٽو جو مقصد پائيدار ترقي جي ايجنڊا تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ آهي. صد?? مملڪت چيو ته پاڪستان ۽ چين گلوبل ڊ??لپ??ينٽ انيشيٽو تي عمل جي لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪري چڪا آهن.