اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي)قانون ۽ انصاف بابت وزيراعظم جي صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آه?? ته نيازي فيض ڳٺ جوڙ گينگ جو مقصد پاڪستان ۾ 10 سالن جي پلان تي عملدرآمد ڪرڻ هو، جيڪڏهن ان جو منصوبو ڪامياب ٿي وڃي ها ته پارليامينٽ مستقل طور تي ختم، اي وي ايم ذ??يع?? دوکي تي ٻڌل چونڊون ۽ صدارتي نظام لاڳو ٿي چڪو هجي ها، ملڪ کي عالمي سطح تي بدنام ڪرڻ، ادارن خلاف منظم سازش ڪندڙن سان ڪنهن به قسم جي ڳا??هه ٻو??هه نٿي ٿي سگهي، 9 مئي جي سمورن ڪردارن لاءِ قانون پاڻ پنهنجو رستو ٺاهي رهيو آه??. هو پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته منظم طريقي سان مهم هلائي ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان پهچايو ويو. سياست جو ويس پائي اها پارٽي روزاني ملڪي مفادن خلاف بي??ل نظر ايندي آه??، آءِ ايم ايف کي قرض نه ڏيڻ لاءِ خط لکڻ، ايوان نمائندگان، برطانوي هائوس آف لارڊ ۽ هائوس آف ڪامن ۾ ان جا ماڻهو ويا ۽ پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي وئي. جڏهن کان پي ٽي آءِ جو باني وزيراعظم نه رهيو ان کانپوءِ هڪ ڏينهن به اهڙو نه گذريو جنهن ۾ پاڪستان کي نقصان نه پهچايو ويو هجي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو رئوف حسن گرفتار ٿيو ته ان جي موبائيل مان اهم رابطا ظاهر ٿي چڪا آه??، ڪرن ٿاپر سان رابطو ڇو ڪيو هو؟ چيو ويو ته رئوف حسن صحافي آه?? ان جا صحافين سان رابطا آه??، اهوبلڪل صحيح ناهي هو ڪنهن به طرح صحافي ناهي. هن چيو ته پاڪ فوج جي سربراهه خلاف جهڙي طرح زهريلي مهم ملڪ دشمن صحافين سان شيئر ڪئي اهو سلسلو نومبر 2022ع کان شروع ٿئي ٿو ۽ منظم طريقي سان مهم هلائي وئي. هن چيو ته پاڪستان هڪ خودمختيار ملڪ آه?? جنهن جي حفاظت پاڪ فوج ڪري رهي آه??. سپهه سالار تي اهو شخص بنا ثبوت جي پنهنجي راءِ ذ??يع?? زهر اوڳاڇي ٿو. هن چيو ته سائفر کان شروع ٿيل معاملو پرڏيهي پاليسي تائين وٺي ويو، اڃان به ان جي ڪوشش آه?? ته پاڪستان کي سفارتي طرح اڪيلو ڪيو وڃي ان جو هڪ ئي مقصد آه?? ته ڪهڙي طرح اقتدار ۾ واپس اچي. هن چيو ته پهرين نيب نيازي ۽ هاڻي نيازي حميد ڳٺ جوڙ سامهون آيو آه??. هن چيو ته فارن فنڊنگ ۾ جيڪي ماڻهو ملوث آه?? انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي. پاڪستان، پاڪ فوج، قوم، عوام، سياستدان برداشت نه ڪندا، هاڻي ڪنهن به قسم جي ڳا??هه ٻو??هه نه ٿيندي، پهرين پنهنجو رويو درست ڪن، سياسي گنجائش گهرن ٿا ته پنهنجي روين کي به ٺيڪ ڪن. هن چيو ته 9 مئي تي فالس فليگ آپريشن چوندڙ اهو ٻڌائين ته ڪارڪنن کي ڀڙڪائڻ، ڪارڪنن جي ذهن سازي ڪري فوج مخالف بڻائڻ، پهرين گرفتاري ۽ پوءِ قوم کي بغاوت تي ڇو ڀڙڪايو ويو، 9 مئي جهڙو افسوسناڪ واقعو ٿيو ان ۾ شامل ڪردارن کي قانوني ڪارروائي مان گذرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان کي ٻيهر معاشي، دفاعي، پرڏيهي پاليسي، سفارتي محاذ تي ڪامياب بڻائڻ لاءِ حڪومت پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. هن چيو ته اسان تي اڱريون کڻڻ کان پهرين اڄ جيڪي تنقيد ڪري رهيا آه?? اهي پنهنجي حڪومتي دور ۾ عوام کي ڏنل رليف ته ٻڌائين.اي پي پي/ر – م/ز – ج 21:22