اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ چين سدا بهار اسٽريٽجڪ تعاون ۽ حصيداري علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ سنگ ميل آهي. سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ وزيراعظم لي چيانگ جي اسلام آباد ۾ آجيان ڪندي کيس خوشي ٿي آهي. وزيراعظم ??يو ??ه هو پنهنجي ڀاءُ، اسٽيٽ قونصلر ۽ وزيراعظم لي چيانگ جي تاريخي ۽ لاڀائتي دوري جا منتظر آهن جيڪو پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وزيراعظم ??يو ??ه اسان ٻطرفن قدمن خاص طور تي چين، پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تي اڳڀرائي جو جائزو وٺنداسين ۽ گڏيل فائدي تي ٻڌل تعاون جون نيون راهون به ڳولينداسين. وزيراعظم ??يو ??ه پاڪ چين سدا بهار اسٽريٽجڪ تعاون ۽ حصيداري علائقائي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ سنگ ميل آهي.