اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) قزاخستان جو وز??راعظم اوالزاس بيڪ تينوف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان پهچي وي??. ا??لام آباد ا??ٽرنيشنل ايئرپورٽ تي مواصلات ۽ نجڪاري واري وفاقي وز??ر عبدالعليم خان ۽ ٻين اعليٰ عملدارن مهمان وز??راعظ?? جي شاندار ريڊ ڪارپيٽ آجيان ڪئي.
ان موقعي تي روايتي لباس پهرين ٻارن کيس گدستو پيش ڪيو. قزاخستان جي وز??راعظ?? جي اچڻ جي موقعي تي نجڪاري واري وفاقي وز??ر ۽ مهمان وز??راعظ?? جي وچ ۾ خيرسگالي جي جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي. پاڪستان ۾ قزاخستان جي سفارتخاني جا اعليٰ سفارتي عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. قزاخستان جي وز??راعظم جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي دوستي جي فروغ ۽ علائقائي تعاون ۾ اهم قدم آهي. ايس سي او اجلاس ۾ عالمي اڳواڻن جي شرڪت سان علائقائي امن جي اميد وڌي وئي آهي.