اسلام آباد-26 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ڪشميري عوام جي منصفاڻي جدوجهد لاءِ پاڪستان جي پختي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو ڀارت جي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي ??لاف ورزين کي روڪڻ ۽ گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عمل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي. پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ سندن خود ارادايت واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين گڏ بيٺل رهندو. هن اها ڳالهه ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو (اڄ) 27 آڪٽوبر تي ملهايو پيو وڃي. صدر آصف علي زرداري چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع جو ڏينهن ڏکڻ ايشيا جي ??اريخ جو هڪ ڪارو باب آهي. اڄوڪي ڏينهن ڀارت ڄمون ڪشمير تي قبضي لاءِ فوج ڪشي ڪئي. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀارتي غير قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي ??وام ڀارتي فوج جي وحشياڻي ڏاڍ کي برداشت ڪري رهي آهي. گذريل سالن ۾ ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير کي دنيا جي ??ڀ کان وڌيڪ عسڪريت سٽيل علائقن مان هڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت تائين هزارين بي گناهه ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪشميرين جي ??صل قيادت قيد آهي ۽ مقامي ميڊيا کي وڏي پئماني تي سنسر ڪيو ويو آهي. صدر مملڪت چيو ته گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل ڪيترائي ڀيرا منصفاڻي ۽ غير جابنداراڻي راءِ ذريعي ڪشميري عوام جي ??ود اراديت واري حق جي ??وثيق ڪري چڪي آهي. ان جي ??اوجود ڀارت انهن قراردادن جي ??لاف ورزي ۽ ڪشميرين کي سندن بنيادي حقن کان محروم ڪندو آيو آهي. هن چيو ته آگسٽ 2019ع کانپوءِ ڀارت والاريل ڄمون ڪشمير جي ??صوصي حيثيت ختم ڪري ان جي ??با??يا??ي ۽ سياسي منظرنامي کي بدلائڻ ج?? قدمن سان پنهنجي قبضي کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو آهي. اهي ڪارروايون ڪشميرين جي ??زادي واري تحريڪ کي دٻائڻ ۽ ڀارتي قبضي کي مضبوط ڪرڻ جي هڪ وسيع حڪمت عملي جو حصو آهن. هن چيو ته انهن جي ??ابراڻي حربن باوجود ڪشميري عوام پنهنجي ??زادي جي ??دوجهد تي قائم آهي. اسان ڀارت جي ??اري ظلمن جي ??ديد مذمت ڪريون ٿا ۽ ڪشميري عوام جي منصفاني جدوجهد لاءِ پنهنجي پختي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا. صدر آصف علي زرداري چيو ته وچ اوڀر ۾ ٿيل تازي اڳڀرائي ان ڳالهه جي واضح يادگيري آهي ته پراڻن تڪرارن کي حل طلب نه رهڻ گهرجي. عالمي قانونن جون خلاف ورزيون ۽ تڪرارن کي نظر انداز ڪرڻ ڊگهي امن جي ??مانت ناهي. هن چيو ته ڪشميرين جا ٽي نسل عالمي برادري خاص ڪري گڏيل قومن طرفان سندن خود اراديت واري حق ڏيارڻ جا منتطر آهن. دنيا هاڻي پنهنجي ??ميواري کي وڌيڪ نظر انداز نٿي ڪري سگهي. صدر چيو ته اسان عالمي برادري تي زور ڀريون ٿا ته هو ڀارت تي دٻاءُ وجهي ۽ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي ??لاف ورزين کي روڪي، ڪشميرين جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪري ۽ گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري. پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ سندن خود اراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ بيٺل رهندو.