اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قلات ضلعي جي علائقي جوهان ۾ ده??تگ??دن طرفان معصوم شهرين تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي درجن جي بلندي ۽ گهر ڀاتين لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. هن واقعي ۾ ملوث ڏوهارين خلاف فوري ڪارروائي ۽ کين ڪڙي سزا ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ده??تگ??د?? جو معصوم شهرين تي بزدلاڻو حملو مذمت جوڳو آهي. بلوچستان ۾ ڏڦيڙ ۽ ??دا??ني ڦهلائيندڙ عنصر صوبي جي ماڻهن ۽ ترقي جا دشمن آهن. وزيراعظم چيو ته اهڙا ناپاڪ حربا حڪومت جي بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي واري عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته ده??تگ??دن جا بزدلاڻا حملا بهادر پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏينداسين، ده??تگ??دي جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين انهن خلاف جنگ جاري رکي ويندي.