لاهور-16 نومبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته 9 مئي سانحي جا پڪا ثبوت سامهون اچي چڪا آهن، پي ٽي آءِ جو باني چيئرمين چوندو رهيو آهي ته 9 مئي جي واقعن ۾ سندس ماڻهو ملوث نه هئا، جيڪڏهن ملوث آهن ??ه ثبوت ڏيکاريا وڃن، سمورا ثبوت قوم آڏو پيش ڪري ڇڏيا آهن، 9 مئي جي ڪيسن جو جلد کان جلد فيصلو ٻڌايو وڃي، تحريڪ انتشار جا ماڻهو پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين سميت قوم کان معافي گهرن. 9 مئي سانحي ۽ سي سي ٽي وي ثبوتن بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته 9 مئي جي حملن جي حوالي سان پڪا ثبوت موجود آهن، 9 مئي جي سانحي جي حوالي سان تمام گهڻيون ڳالهيون ڪيون ويون ته ڪٿي آهن ??ي سي ٽي وي فوٽيج؟ ڪٿي آهن ??بوت؟ تحريڪ انتشار جا ماڻهو ۽ پي ٽي آءِ باني رٽ لڳائيندا رهيا ته اه?? اسان جا ماڻهو نه هئا، وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انتشار منظم س??زش ذريعي 9 مئي جا حملا ڪيا ۽ انهن ??ملن ۾ سندن مک اڳواڻ ملوث هئا، جيڪي شرافت جي دعويٰ ڪري رهيا آهن ??ه اسان جا ماڻهو نه هئا ته پوءِ ڇا ياسمين راشد، شهريار آفريدي، عثمان ڊار ۽ مراد سعيد انهن ??ي پارٽي جا ميمبر نه هئا جيڪي آڊيو، وڊيو ۽ سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ پاڻ ڀڃ ڊاهه جا حڪم جاري ڪندي ڏسي سگهجن ٿا. هن چيو ته مراد سعيد باقاعده هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته سڀ ماڻهو پنهنجي پنهنجي هدفن تي پهچن، سمورا ثبوت سامهون آهن، وڊيوز ۽ آڊيوز موجود آهن، جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري سگهجي ٿي، شهريار آفريدي کي ٻڌي سگهجي ٿو ته هو چئي رهيو آهي ته جي ايڇ ڪيو وينداسين، ياسمين راشد گاڏي جي ڇت تي چڙهي چئي رهي آهي ته پوري جٿي کي وٺي ڪور ڪمانڊر هائوس وڃي رهيا آهيون. عثمان ڊار جناح هائوس جو ذڪر ڪري رهيو آهي. وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو ته پارٽي اڳو??ڻن جي هدايت تي فوجي ۽ دفاعي ٺڪ??ڻن تي حملا ڪيا ويا ۽ شهيدن جي يادگارن جي ڀڃ ڊاهه ۽ بي حرمتي ڪئي وئي، اه?? سڀ ڪجهه پي ٽي آءِ سياسي بيانيو مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪيو، اسان پهرين به چيو هو ۽ اڄ به چئون ٿا ته پاڪستان آهي ته سياسي پارٽيون آهن، وزارتون به آهن، ڪو سمجهي ٿو ته فلاڻو ناهي ته پاڪستاني ناهي ته اها سندن ڀُل آهي، پاڪستان قائم آهي ۽ هميشه قائم رهندو. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جو باني چيئرمين چوندو هو ته 9 مئي جا واقعا ٿيڻ کان روڪيو ڇو نه ويو؟ ته انهن ??ي فوٽيجز ۾ پڪا ثبوت پيش ڪري رهيا آهيون، پوليس پرامن طور سمورن فسادين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پي ٽي آءِ باني چاهيو ٿي ته لاش ڪرن پر پوليس سندس اه?? منصوبو ناڪام بڻايو، انهن ماڻهن کي ڀڃ ڊاهه کان روڪيندي آءِ جي اسلام آباد علي ناصر رضوي جي هڪ اک ضايع ٿي، ڪيترائي پوليس جا جوان شديد زخمي ٿيا، پوءِ به چون ٿا ته کين روڪيو ڇو نه ويو، هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا ٻڌائين ته ملڪ کي تباهه ڪرڻ لاءِ بار بار ڪوششون ڪنهن ڪيون؟ ملڪ کي ڊفالٽ ڪرائڻ لاءِ آءِ ايم ايف کي خط ڪنهن لکيا؟ طالبان کي پاڪستان ۾ واپس ڪنهن ??ندو؟ 9 مئي جا واقعا ڪنهن ڪرايا؟ ايئن ته 77 سالن ۾ ملڪ جو دشمن نه ڪري سگهيو جيڪو پي ٽي آءِ جي اڳو??ڻن ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني ۽ سندس ساٿين پنهنجي انا جي تسڪين لاءِ ملڪ خلاف قدم کنيا. راولپنڊي، گجرانوالا، لاهور، مردان، ميانوالي، پشاور جا فوٽيجز موجود آهن، فيصلو قوم ڪندي ته ڇا انهن ۾ ڪهڙا ماڻهو شامل آهن ??يڪي ملڪ کي تباهه ڪري رهيا آهن، هن چيو ته اه?? وڊيوز پهرين ڪڏهن ??امهون نه آنديون ويون، اڄ قوم آڏو اه?? ثبوت آڻي رهيا آهيون جيڪي ان کان اڳ ڪڏهن ??ه سامهون نه آندا ويا، قوم ڏسي ته 9 مئي تي پي ٽي آءِ اه?? ڪجهه ڪيو جيڪو اڄ پاڪستان خلاف خوارج ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين هر قدم پاڪستان خلاف کنيو، ان منصوبو هو ته ڪهڙي طرح لاش ڪرن. هن ??شدد جو رستو اختيار ڪيو. ان موقعي تي شهريار آفريدي، مراد سعيد، ياسمين راشد، عثمان ڊار، ڪنول شوذب جا آڊيو پيغام به جاري ڪيا ويا جن ۾ هو 9 مئي جي واقعن ۾ حڪم ۽ هدايتون جاري ڪري رهيا آهن. ان کانسواءِ محمود مولوي، عمران اسماعيل، حاشر خان، عباد فاروق، علي رضا، ارزم جنيد، جان محمد، محمد ساجد جا آڊيو به جاري ڪيا جن ۾ اه?? پارٽي ڇڏڻ جا سبب بيان ڪري رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ??ه 9 مئي جي واقعن جي منصوبابندي زمان پارڪ ۾ ڪئي وئي، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير سمورا ثبوت واضح طور قوم آڏو رکيا ويا آهن، هاڻي 9 مئي جي ڪيسن جو فوري فيصلو ٿيڻ گهرجي، التوا هيٺ جڊيشل ڪيسن جو به فوري فيصلو اچڻ گهرجي. 9 مئي جا جوابدار جيڪي دشمن جي ايجنڊا کي کڻي هليا ويا آهن، کي منطقي انجام تائين پهچائڻ گهرجي. هن چيو ته تحريڪ انصاف پاڪستان جو سڄي دنيا ۾ نالو خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ دشمن جو خواب پورو ڪيو. وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو ته سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ سمورو رڪارڊ محفوظ آهي، ان کي نه ته بدلائي سگهجي ٿو نه ئي ٽيمپرڊ ڪري سگهجي ٿو، انهن ماڻهون جون حرڪتون سڀني ماڻهن ??ڏو آهن. انهن قومي سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، اه?? سمورا ثبوت قوم آڏو اچي چڪا آهن، اه?? اڄ به انهي مائينڊسيٽ تي عمل ڪري رهيا آهن، اه?? اڄ پرڏيهي مداخلت جي گهر ڪن ٿا، 9 مئي جا التوا هيٺ ڪيسز جلد کان جلد منطقي انجام تائين پهچائڻ گهرجن ۽ تحريڪ انتشار جا سمورا اڳوان پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين سميت قوم کان معافي وٺن ۽ ڪيسن کي منهن ڏين.