اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??را??دادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان هلندڙ هفتي ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، اه??ي ۾ اسان ڪشميري ٻارن جي خراب حالت کي نه وسارينداسين جيڪي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن جي نتيجي ۾ خوف ۽ هراس جي ماحول ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. هن چيو ته هڪ اه??ي علائقي ۾ رهندي جتي لکن جي انگ ۾ فوجي دستا مقرر هجن، ڪشميري ٻارن کي درپيش صدما تمام گهڻا آهن، جيڪي انهن جي نفسياتي ۽ ذهني صحت تي اڻمٽ نشان ڇڏي رهيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ڪاررواين جي نتيجي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ٻار يتيم ٿي چڪا آهن، انهن جي خراب حالت عالمي ڌيان ج?? مستحق آهي. هن چيو ته اسان عالمي برادري کان ??طا??بو ڪريون ٿا ته اها ڪشميري ٻارن جي حقن جي لاءِ آواز اٿاري ۽ انهن جي مصيبتن جي خاتمي جو ??طا??بو ڪري.