لاهور- 20 نومبر (اي پي پي) بابا گورو نانڪ جي 555هين جنم ڏينهن جي موقعي تي ڀارت سميت سڄي دنيا مان آيل ??ک ياترين گوردواره رهڙڪي صاحب ايمن آباد جو دورو ڪيو. گوردواره رهڙڪي صاحب ۾ رسمون ادا ڪرڻ کانپوءِ ياترين جو جٿو سخت سيڪيورٽي ۾ گذريل ڏينهن گوردواره ڊيره صاحب لاهور پهچي ويو. ان موقعي تي ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي ايڊيشنل سيڪريٽري س??ف الله کوکر ٻڌايو ته ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چ??ئر??ين سيد عطالرحمان جي هدايتن مطابق گوردواره ڊيره صاحب لاهور ۾ ??ک ياترين لاءِ رهائش جا بهترين انتظام ڪيا ويا آهن، گردواره جي عمارت کي چمڪندڙ بتين سان روشن ڪيو ويو آهي جڏهن ته گريٽر اقبال پارڪ ۽ شاهي قلعي جي ڀرپاسي س??ڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. ايويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي س??ڪيورٽي ۽ ميڊيڪل ٽيم هر وقت ياترين سان گڏ موجود آهن ۽ انه?? کي هر طرح جون سهولتون فراهم ڪيون پ??ون وڃن. ??ک ياتري گوردواره ڊيره صاحب لاهور ۾ 2 ڏينهن قيام ڪندا، جتي ??ک ياترين جي اعزاز ۾ تقريب منعقد ڪئي ويندي. طئي ٿيل شيڊول مطابق ياتري 23 نومبر تي 10 ڏينهن وارو دورو مڪمل ٿيڻ تي ڀارت واپس روانو ٿي ويندا.