اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي قومي ڏينهن تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران قطر جي امير کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ?? سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي، پاڪستان مان آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ تربيت يافته نوجوانن کي قطر موڪلينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن قطر جي قومي ڏينهن جي مناسبت سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن ????و ته قطر جي قومي ڏينهن جي تقريب ۾ شرڪت تي خوشي ٿي آهي، قومي ڏينهن تي حڪومت ۽ عوام پاران قطر جي امير کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن ????و ته پاڪستان ۽ قطر دوستي جي رشتي ۾ ٻڌل آهن، شيخ تميم بن حمد الثاني جي دورانديش قيادت ۾ قطر نمايان ترقي ڪئي، قطر ۾ فٽ بال ورلڊ ڪپ جو ڪامياب انعقاد ان جو بهترين مثال آهي. هن ????و ته قطر جي تازي دوري دوران دوحه ۾ نمائش جو افتتاح ڪيو، نمائش جي سرپرستي جي لاءِ پنهنجي ڀيڻ شيخه المياسه جي ڪوششن ۽ قطر جي امير جو ٿورائتو آهيان، نمائش ۾ پاڪستان جي ثقافت جا رنگ نمايان هئا. هن ????و ته قطر جو امير پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکي ٿو، قطر جي امير جي پاڪستان جي دوري جا منتظر آهيون. هن ????و ته قطر ۽ پاڪستان جا اقتصادي لاڳاپا هر گذرندڙ ??ينهن سان گڏ مضبوط ٿي رهيا آهن، پاڪستان قطر ٻطرفي واپار ?? سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي، پاڪستان مان آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ تربيت يافته نوجوانن کي قطر موڪلينداسين. هن ????و ته پاڪستانين جو قطر ۾ آءِ ٽي، تعميرات ۽ فارماسيوٽيڪل سميت مختلف شعبن جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي. هن ????و ته لبناني وزيراعظم کي شا?? مان پاڪستانين جي انخلا جي لاءِ تعاون جي درخواست ڪئي آهي، پاڪستانين جي شا?? مان حفاظت سان انخلا يقيني بڻائينداسين. ان موقعي تي قطر جي قومي ڏينهن جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.