اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي وقتي سفير نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ- آمريڪا لاڳاپن سميت ٻه طرفي سهڪار ??ڌا??ڻ سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ان موقعي تي آءِ اين اي ايل جو ڪنٽري ڊائريڪٽر لائن نيلسن پڻ موجود هو. وقتي آمريڪي سفير ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ- آمريڪا لاڳاپن سميت ٻه طرفي ??ڌا??ڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ آءِ سي سي چي??پئنز ٽرافي ٽورنامينٽ جي منعقد ٿيڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سفير چي??پئنز ٽرافي پاڪستان ۾ منعقد ٿيڻ جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گهرو وزير وقتي آمريڪي سفير سان ڳالهائيندي چي?? ته ايف آءِ اي کي ايف بي آءِ جي طرز تي ??دي?? ترين ادارو ب??ائڻ چاهيون ٿا. ان سلسلي ۾ آمريڪا جي سهڪار جي آجيان ڪنداسين. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته آمريڪا ايف آءِ اي کي ايف بي آءِ جي طرز تي ??دي?? رُخن تي آڻڻ ۾ تعاون فراهم ڪندو ج??هن ته آمريڪا نيشنل فرانزڪ ايجنسيءَ کي ??دي?? تقاضائن مطابق فعال ڪرڻ ۾ به معاونت فراهم ڪندو. گهرو وزير چي?? ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سگهه ??ڌا??ڻ ۾ آمريڪي سهڪار انتهائي اهميت رکي ٿو. دهشتگردي ۽ هنگامي حالتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سول آرمڊ فورسز کي ??دي?? اوزارن ۽ سامان جي فراهمي وقت جي اهم ضرورت آهي. سول آرمڊ فورسز کي ??دي?? اوزارن ۽ سامان سان ليس ڪرڻ اولين ترجيح آهي. هن چي?? ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جيڪي ڪيترن ئي ڏهاڪن تي ٻَڌل آهن. هن چي?? ته قانوني دستاويز رکندڙ ڪنهن به پرڏيهيءَ کي اسلام آباد مان نه پيو ڪڍيو وڃي، ج??هن ته غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين کي اسلام آباد ۾ رهڻ جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي. وقتي آمريڪي سفير چي?? ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ عورتن جي نمائندگي ??ڌا??ڻ تي پاڪستاني عملدارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن گهرو وزير کي پوليس آفيسرن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ تقريب منعقد ڪرڻ تي به مبارڪ ڏني. ان موقعي تي وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم علي آغا ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري رفعت مختار راجا پڻ موجود هئا.