استنبول-15 ڊسمبر (اي پي پي)سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ ??ام ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهرين جي بيروت رستي فوري واپسي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي لبنان جي قيادت جو ٿورو مڃيندي چيو آهي ت?? وزيراعظم شهباز شريف جي ڪال تي لبنان جي وزيراعظم فوري ايڪشن وٺندي ??ام ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي فوري سهولت فراهم ڪئي جنهن سان اسانجي لاڳاپن جي مضبوطي ظاهر ٿئي ٿي، پاڪستان ??بنان سان ??اڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. استنبول ۾ لبنان جي اطلاعات ??اري وزير ميڪيري سان ??لاقات دوران ڳالهائيندي عطاالله تارڙ لبنان جي علائقائي سالميت ۽ امن قائم ڪرڻ جي حوالي سان حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وزيراعظمن وچ ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه ??ام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي وطن واپسي جو رستو هموار ڪيو جنهن تي لبنان جي حڪومت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ لبنان ??چ ۾ ڀائراڻا ۽ گرمجوشي ت?? ٻڌل لاڳاپا آهن، پاڪستان ??بنان سان ??اڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. وفاقي وزير چيو ته سموري پاڪستاني قوم ان ڏکئي وقت ۾ لبنان جي عوام سان گڏ بيٺل آهي. ان ??وقعي ت?? لبنان جي اطلاعات ??اري وزير چيو ته پاڪستان ??ر ڏکئي وقت ۾ لبنان جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته جنگ سبب متاثر لبنان جي عوام لاءِ امدادي سامان ??وڪلڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان جي حڪومت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي ان ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿي ت?? ڏکئي وقت ۾ پاڪستان ??بنان جي عوام جي امداد ڪئي. هن چيو ته بيروت ايئرپورٽ تي پاڪستانين جو وڏو انگ ڏسي خوشي ٿي ت?? اهي وطن واپس موٽي رهيا آهن. لبنان جي اطلاعات ??اري وزير ٻه طرفا لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.