لاهور – 23 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ڏکڻ آفريقا خلاف ون ڊي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪرڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪون ڏنيون آهن. جاري بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان پهرين ٽيم آهي جنهن ڏکڻ آفريقا جي سرزمين تي ون ڊي سيريز ۾ ٽئي ميچون کٽي وائيٽ واش ڪيو آهي. قومي ٽيم کي ٽئين ون ڊي ميچ کٽڻ ۽ ڏکڻ آفريقا کي وائيٽ واش ڪرڻ تي مبارڪون ڏيان ٿو. اها ??اندار ڪام??اب?? ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي. پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي چيو ته صائم ايوب هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو ڪلاس ثابت ڪيو ۽ سينچري اسڪور ڪري ڪام??اب?? ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته محمد رضوان ۽ بابر اعظم سٺي بيٽنگ ڪئي، اهڙي طرح سفيان مقيم شاندار بالنگ ڪري قوم جون دليون کٽي ورتيون. هن چيو ته سڄي سيريز ۾ پاڪستاني ٽيم جا رانديگر پ??اعتماد نظر آيا ۽ هو جذبي ۽ محنت سان کيڏيا. ان ڪام??اب?? سبب رانديگرن جو مورال و??ند?? ۽ چيمپئينز ٽ??افي ٽونامينٽ ۾ به پاڪستاني ٽيم اهڙي ئي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي.