اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار ا??از صادق آذربائ??جا?? جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ آذربائ??جا?? جي مسافر جهاز جي حادثي ۾ ٿيل جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. آذربائ??جا?? جي سفير خضر فرهادوف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار ا??از صادق جي آجيان ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جهاز حادثي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. اسپيڪر سردار ا??از صادق چيو ته ڏک جي هن مشڪل گهڙي ۾ پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام آذربائ??جا?? جي پارليامينٽ ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا، آذربائ??جا?? ۽ پاڪستان جو عوام هڪٻئي سان محبت، اخوت ۽ ڀائيچاري جي رشتن ۾ جڙيل آهن، پاڪستان ۽ آذربائ??جا?? هڪ ٻئي جي ڏک سک جا ساٿي آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر حادثي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي درجن جي بلندي ۽ پوئينرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. اسپيڪر سفارتخاني ۾ رکيل تعزيتي ڪتاب ۾ پنه??جا تعزيتي تاثر قلمبند ڪيا.