پراگ- 22 ڊسمبر (اي پي پي) جمهوريه چيڪ جي گادي واري شهر پراگ جي چارلس يونيورسٽ?? ۾ 24 سالن جي هٿياربند شاگرد فائرنگ ڪري 14 ڄڻن کي ماري ۽ 25 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو جن مان 10 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. اي ايف پي مطابق پوليس چيف ٻڌايو ته فائرنگ گادي واري شهر پراگ جي جان پالخ اسڪوائر ۾ يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف آرٽس جي عمارت ۾ مقامي وقت مطابق ٽي وڳي شروع ??ي. ??وليس ٻڌايو ته فائرنگ ڪندڙ شاگرد کي ماريو ويو آهي. ب?? بي سي مطابق سوشل ميڊيا تي جاري ويڊيوز ۾ ماڻهن کي يونيورسٽي جي عمارت م??ن ٽپا ڏيندي ڏٺو ويو ۽ ان دوران فائرنگ جا آواز پڻ ٻڌا ويا جڏهن ته هڪ ٻي ويڊيو ۾ ماڻهن کي ڀڃندي ڏسي سگهجي ٿو.