لاهور – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ٿيليسيميا جي باري ۾ آگاهي مهم هلائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٿيليسيميا هڪ موورثي بيماري آهي، ڪزن ميرج جي ڪري ٻارن ۾ بيمارين جي شرح وڌيڪ آهي، اهڙا جوڙا شادي کان اڳ ٿيليسيميا جو ٽي??ٽ لازمي ڪرائين، ??ند?? فائونڊيشن ٿيليسيميا جي مرض جي خلاف اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. اهڙن خيالن جو ا??ها?? هن ??ند?? فائونڊيشن جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ٿيليسيميا جو شڪار ٻار سالن کان ??ند?? فائونڊيسن کان بلڊ ٽرانسفيوزن ڪرائي رهيا آهن، ٿيليسيميا هڪ موروثي مرض آهي، اسان وٽ شادي کان پهرين ٽ??سٽ نه ڪرايا ويندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ اهڙيون بيماريون پکڙجنديون آهن، ڪزن ميرج جو رواج به عام آهي، اهڙين شادين جي ڪري پيدا ٿيندڙ ٻارن ۾ بيمارين جي شرح وڌيڪ آهي، اهڙا جوڙا شادي ڪرڻ کان اڳ پنهنجو ٿيليسيميا جو ٽي??ٽ لازمي ڪرائين، جيڪڏهن انهن ۾ ٿيليسيميا جو ٽي??ٽ پازيٽو آهي ته کين ڪزن ميرج کان پاسو ڪرڻ گهرجي ڇو ته ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار ان مرض جو شڪار ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته اسان وٽ ان باري ۾ آگاهي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي، وفاقي وزير ان ڳالهه کي ساراهيو ته ??ند?? فائونڊيشن هيومن ريسورس تي به ڌيان ڏنو آهي.