ڪوئيٽا – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ??اڪ??تان ڀارت جي و?? ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ??اڪ??تان جي ڪشمير مسئلي بابت ڪامياب سفارتڪاري طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جو وڪيل ۽ سفير بڻجي عالمي برادري جو ضمير جهنجهوڙي رهيو آهي. وزيراعظم جي آمريڪي دوري سان ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ لاڳاپا نئين رخ ۽ عزم سان اڳتي و??ي رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان جي دل بلوچستان جي عوام سان گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ هو بلوچستان جي ترقي کي اهميت ڏي ٿو. بلوچستان جي ترقي سان ئي ??اڪ??تان جي ترقي لاڳاپيل آهي، هو ڪوئيٽا پهچڻ کانپوءِ ايئر پورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي.