اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خوراڪ جو تحفظ قومي سلامتي سان ڳنڍيل آهي، زرعي شعبي ۾ جديد تحقيق، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ??صن??عي ذهانت جي استعمال سان في ايڪڙ پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، پيداواري لاڳت وڌڻ سان زرعي شعبو متاثر ٿيو آهي، زرعي تحقيق کي آبادگارن ت??ئي?? پهچائڻ کانسواءِ حقيقي ثمر حاصل ڪرڻ ممڪن نه هوندو. اسان جي زرعي پيداوار ڇو گهٽ ٿي، اسان کي ان حوالي سان ماضي جي غلطين مان سبق حاصل ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اس??مبلي سيڪريٽريٽ جي اهت??ام هيٺ زراعت تي قومي ڳالهه ٻولهه جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.