اسلام آباد- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين 12 ربيع الاول جي مبارڪ ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستاني قوم ۽ مسلم اُمت کي مبارڪبون پيش ڪندي چيو آهي ته اسلام جي حقيقي تصور کان روشناس ٿيڻ لاءِ اسان کي سيرت طيبه صلي ا??له عليه و??له وسلم کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. مسلم اُمت کي درپيش مسئلن، ڏڦيڙ، نفرتن ۽ ناانصافين جو واحد حل سيرت طيبه صلي ا??له عليه و??له وسلم ۾ موجود آهي. حضور صلي ا??له عليه و??له وسلم سان محبت هر مسلمان جي ا??مان جو حصو آهي، انسانيت جي هر ڏُک جو علاج ٻنهي جهانن جي سردار صلي ا??له عليه و??له وسلم جي ڪامل تابعداري ۾ لِڪل آهي. 12 ربيع الاول جي ڏهاڙي جي مناسبت سان پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄ حضرت محمد مصطفيٰ صلي ا??له عليه و??له وسلم جي ولادت جو ڏهاڙو آهي. اڄ جو ڏينهن ??مورن مسلمانن لاءِ سڀ کان وڌيڪ خوشين ۽ برڪتن وارو ڏينهن ??هي، الله تعاليٰ پاڻ سڳورن صلي ا??له عليه و??له وسلم کي ٻنهي جهانن لاءِ رحمة للعالمين بڻائي موڪليو. الله تعاليٰ اسان کي حضرت خاتم النبيين صلي ا??له عليه و??له وسلم جو اُمتي هئڻ جو شرف بخشيو، حضور اڪرم صلي ا??له عليه و??له وسلم سان محبت هر مسلمان جي ا??مان جو حصو آهي. وفاقي وزير چيو ته حضور اڪرم صلي ا??له عليه و??له وسلم رن??، نسل، خاندان، زبان ۽ وطن کان مٿاهون ٿي هڪ اُمت ۽ ملت جو قيام عمل ۾ آندو. پاڻ سڳورن صلي ا??له عليه و??له وسلم اهڙي فلاحي رياست قائم ڪئي جنهن ۾ امير ۽ غريب جا حق برابر آهن. پاڻ سڳورن صلي ا??له عليه و??له وسلم ڪيترن ئي سالن کان جنگ ڪندڙ قبيلن کي رياستِ مدينه جي فلاحي نظم جو حصو بڻايو جنهن ??ان هڪ عالمگير مساوات، ڀائيچاري ۽ عدل ۽ انصاف تي ٻَڌل معاشرو جڙيو. نبي اڪرم صلي ا??له عليه و??له وسلم جي تعليمات ئي اڄ جي ڏينهن ??ڀ کان وڏو فلسفو آهي، اسان کي پنهنجي آقا حضرت محمد صلي ا??له عليه و??له وسلم جي تعظيم سان سندن تعليمات کي حقيقي طور تي اختيار ڪرڻو پوندو. اڄ اسان ان ڳالهه جو عهد ڪريون ته جيڪو رستو پاڻ سڳورن صلي ا??له عليه و??له وسلم اسان کي ڏيکاريو ان رستي تي هلنداسين ته جيئن اسان معاشري ۾ هڪ فلاحي رياست بڻائي سگهون جنهن ??ان دنيا ۽ آخرت ۾ فلاح ماڻي سگهون.