اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان سک مذهب جي مذهبي پيشوا بابا گرو نانڪ جي 550 هين جنم ڏهاڙي کان اڳ رڪاڊ مدي ۾ ڪرتارپور لنگهه جي تعمير تي حڪومت کي مبارڪب??د ڏيندي چيو آهي ته سک ياترين جي آجيان لاءِ ڪرتارپور پوري طرح تيار آهي. سماجي را??طن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ٿيندڙ پيغام ۾ وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته هو سک مذهب جي پيشوا بابا گرو نانڪ جي 550 هين جنم ڏهاڙي جي تقريبن جي لاءِ رڪارڊ مدي ۾ ڪرتارپور لنگهه تيار ڪرڻ تي پنهنجي حڪومت کي دلي مبارڪباد پيش ڪري ٿو.