اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس ??ي منهن ڏيڻ لاءِ وزيراعظم ڪرونا وائرس رليف فنڊ ۽ ٽائيگرز فورس قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ملڪ مڪمل لا?? ڊائو?? جي سٽ نٿو سهي سگهي، جيڪڏهن ملڪ ۾ مڪمل لا?? ڊائون ٿيو ته غريب طبقو گهڻو متاثر ٿيندو، چين ??هڙيون معاشي حالتون هجن ها ته پورو ملڪ بند ڪري ڇڏيان ها، ملازمن کي بيروزگار نه ڪندڙ صنعتن کي آسان شرطن تي قرض ڏنا ويندا، اسان وسيلن ۾ رهندي رليف پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي، ذخيره اندوز?? جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪرونا جي خلاف جنگ هڪ قوم بڻجي کٽي سگهون ٿا، اها بيماري پوڙهن ۽ بيمارن ۾ وڌيڪ پکڙجي ٿي، ڊفنس ۽ اسلام اباد جا سيڪٽر بند ڪرڻ سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو، قوم کي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪرونا وائرس جڏهن چين ??ي صوبي ووهان مان شروع ٿيو ته چين فوري طور تي 2 ڪروڙ ماڻهن کي لا?? ڊائون ڪري ڇڏيو ۽ ڪنهن کي به نڪرڻ نه ڏنو ۽ سڀ کان اڳ ۾ جيڪڏهن ان بيماري تي ضآبطو آندو ته چين ??ندو، هن چيو ته اسا?? جي معاشي حالت اهڙي ناهي جو اسان ائين ڪريون.