اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته آپ??يش?? ضرب عضب ۾ ڪاميابي سان اڳڀرائي ٿي رهي آهي جيڪا آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندي. هن اها ??ال??ه ايوا?? صدر ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر ظفر اقبال جهڳڙا سان ملاقات دوران ??ال??ائيندي چئي. صدر چيو ته حڪومت جاري ترقيا??ي منصوبا مڪمل ڪرڻ ۽ ماڻهن جي معيار زندگي بهتر بڻائڻ ??ي لاءِ سماجي ۽ اقتصادي ضرورتن جي فراهمي سان گڏوگڏ وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن کي ملڪ جي ٻين ترقي يافته علائقن جي برابر آڻڻ جو عزم ڪيو آهي. صدر عارضي طور تي بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جي وقت سر واپسي ۽ بحالي جي لاءِ حڪومتي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته نقصان ۾ ويندڙ انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير ڪئي ويندي ۽ خطي ۾ معمول جي زندگي بحال ڪرڻ جي لاءِ اقتصادي مراعتون ڏنيون وينديون.